پاڪستان جي ڪارڪردگي بهتر آهي پر اطمينان جو سرٽيفڪيٽ نٿو ڏئي سگهجي: آمريڪا

واشنگٽن/لاس اينجلس (آن لائن): آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل ڊيوڊ پيٽرياس چيو آهي ته انتهاپسندي خلاف پاڪستان جي ڪارڪردگي بهتر آهي پر کيس اطمينان وارو سرٽيفڪيٽ نٿو ڏئي سگهجي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو  ته پاڪستان جي وجود لاءِ خطرناڪ آهي. فاٽا ۾ اڃا به انتهاپسند موجود هئڻ جا اطلاع آهن. هن چيو ته ماضي ۾ آمريڪا انتهاپسند عنصرن جي واڌ ويجهه ۾ آءِ سي آءِ جي مدد ڪئي هئي، پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير اين ڊبليو پيٽرسن هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته آمريڪين جو وڏو انگ القاعده ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن وٽ تربيت حاصل ڪري رهيو آهي.