اي آر واءِ گولڊ ريفرنس جو اصل رڪارڊ طلب

راولپنڊي (م ڊ): راولپنڊيءَ جي احتساب عدالت اي آر واءِ گولڊ ريفرنس ۾ صدر آصف زرداري جي پرنسپل سيڪريٽري سلمان فاروقي جي بريت واري درخواست تي فيصلو ملتوي ڪندي اصل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت ۾ نيب طرفان پراسيڪيورٽر جڏهن ته سلمان فاروقيءَ طرفان سندس وڪيل مشتاق احمد عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت سلمان فاروقي جي بري ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو ملتوي ڪندي ريفرنس جو اصل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 مارچ تي ٿيندي، جنهن ۾ سلمان فاروقيءَ جي بري ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو ٻڌايو ويندو.