صدر جو حال پورو آهي، پر آڱريون پڪڙي کيس مدو پورو ڪرائينداسين: نواز ليگ

اسلام آباد (آن لائن): مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته جيڪڏهن آئيني ڪميٽي جو ڪم پورو نه ڪيو ويو ته صدر جي تقرير آرام سان ويهي نه ٻڌنداسين، وزيراعظم شريف ماڻهو آهي، پر صدر آصف زرداري سياستدان نه پر ڪجهه ٻيو لڳي ٿو. هڪ نجي ٽي وي چينل پروگرام سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو آهي ته صدر جو حال پورو آهي، پر آڱريون پڪڙي کيس مدو پورو ڪرائينداسين. هن چيو ته بي گناهه ماڻهن تي تشدد پوليس ۽ حڪومت لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي.