|
سنڌ جي سرڪاري وڪيلن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج، ڪم
بند |
 |
|
ڪراچي (م ڊ): دهشتگرديءَ جي خاتمي وارين عدالتن جي سرڪاري
وڪيلن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي ڪم ڪرڻ کان انڪار
ڪري ڇڏيو آهي. پراسيڪيوٽرز جو چوڻ آهي ته گهرو کاتي هلندڙ
سال جي شروعات کان ئي کين پگهارون ادا نه ڪيون آهن، جڏهن
ته ججن کي پگهارون ڏنيون پيون وڃن. هنن چيو آهي ته پگهارن
نه ملڻ تائين هو ڊيوٽي نه ڪندا. |
|
|
|
|
|
|