|
راڻا ثناءُالله کي دهشتگردن سان لاڳاپا رکڻا آهن ته
وزيرستان وڃي: تاثير |
 |
|
لاهور (بيورو رپورٽ): پنجاب جي گورنر سلمان تاثير چيو آهي
ته امن امان برقرار رکڻ صوبائي حڪومت جو معاملو آهي. قانون
واري وزير جا دهشتگردن سان لاڳاپا رکڻ غيرقانوني عمل آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان تاثير چيو ته بسنت کي
ختم ڪري انسانن بجاءِ حيوان پيدا ڪرڻ چاهن ٿا. بسنت هڪ
ثقافتي ايونٽ آهي، جنهن جي ذريعي طالبانائيزيشن کي ختم ڪري
سگهجي ٿو. طالبانائيزيشن جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ ثقافت کي
فروغ ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته ننڍي ننڍي عمر جي ٻارن کي
پڪڙي پڪڙي تصويرون ٺاهي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن وزير
قانون پنجاب راڻا ثناءُالله کي دهشتگردن کان تعلق رکڻو آهي
ته وزيرستان وڃي. |
|
|
|
|
|
|