|
آئيني پئڪيج جي منظوريءَ سان اقتدار انتظاميا کان
پارليامينٽ منتقل ٿي ويندو: اعتزاز احسن |
 |
|
لاهور (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ۽ پيپلز
پارٽي جي اڳواڻ بئريسٽر چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته
آئيني پئڪيج جي منظور ٿيڻ کانپوءِ انتظاميا کان اقتدار
پارليامينٽ کي منتقل ٿي ويندو. گورنر ۽ آرمي چيف جي مقرري
به وزيراعظم ڪندو. لاهور ۾ هڪ ٽرسٽ طرفان ڪوٺايل تقريب کي
خطاب ڪندي هن چيو ته عدليا جي آزادي ۽ پارليامينٽ جي
بالادستي سان ايندڙ پنجن سالن ۾ پاڪستان اندر مثبت
تبديليون اينديون. هن چيو ته ججن ۽ اعليٰ عدليه خلاف مهم
هلي رهي آهي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ ججن پنهنجي ذاتي مفادن کي
قانون تي ترجيح ڏني پر هاڻي جوڊيشل ڪميشن جو قيام هڪ اهم
اڳڀرائي آهي. ڪميشن جي منظوري کانسواءِ پارليامينٽ جي
ڪميٽي به ججن کي مقرر نه ڪري سگهندي. هن چيو ته جنهن ملڪ ۾
عدليا آزاد هوندي آهي اتي پرڏيهي سيڙپڪاري کي به تحفظ حاصل
هوندو آهي. هن چيو ته موجوده نظام ۾ ترميم ۽ سڌارا سڀني جو
گڏيل مطالبو آهي. هن چيو ته چيف جسٽس جي اهميت برقرار
رهندي. |
|
|
|
|
|
|