ارب پتي نواز شريف صرف 5 هزار روپيا ٽيڪس ادا ڪري ٿو:عمران

لاهور (بيورو رپورٽ): تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ارب پتي نواز شريف صرف 5 هزار روپيا ٽيڪس ادا ڪري ٿو. اين اي 123 لاهور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اولهه ۾ ٽيڪس غريبن تي ۽ پاڪستان ۾ اميرن تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته حالتون تيستائين ٺيڪ نه ٿينديون جيسيتائين نظام تبديل نه ٿيندو.