|
فيصلا ڪرڻ کان اڳ اتحادين کي اعتماد ۾ورتو وڃي مولانا: فضل
الرحمان |
 |
|
ڪنديان (آن لائن): ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين ۽ جمعيت علماءِ
اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت
فيصلا ڪرڻ کان اڳ اتحادين کي اعتماد ۾وٺي، ڇاڪاڻ ته
جمهوريت جي تسلسل ۽ ڪاميابي لاءِ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ
انتهائي اهم آهي. ڪنديان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا
فضل الرحمان چيو ته اڪثر جماعتون نان اشو کي اشو بڻائي
عوام کي منجهائڻ واري سياست ڪري رهيون آهن، اهو عمل ملڪ ۽
قوم لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي. |
|
|
|
|
|
|