سپريم ڪورٽ 5 ڏينهن ۾ 403 ڪيس اڪلائي ڇڏيا

اسلام آباد (م ڊ): سپريم ڪورٽ پهرين مارچ کان 5 مارچ تائين صرف 5 ڏينهن ۾ 403 ڪيس اڪلائي ڇڏيا آهن. سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ جسٽس چوڌري اعجاز ۽ جسٽس خلجي عارف حسين تي ٻڌل بئنچ نمبر هڪ 195 ڪيس اڪلايا، چيف جسٽس افتخار چوڌري، جسٽس چوڌري اعجاز، جسٽس خلجي، عارف حسين تي ٻڌل بئنچ نمبر ٻه 36 ڪيس نبيريا جسٽس ناصر الملڪ ۽ جسٽس خلجي عارف تي ٻڌل بئنچ نمبر ٻه 69 ڪيسن جا فيصلا ڪيا، جڏهن ته جسٽس راجا فياض ۽ جسٽس جواد ايس خواجا تي ٻڌل بئنچ نمبر ٽي 103 ڪيس اُڪلايا.