سپريم ڪورٽ جا فيصلا نه مڃيا ويا ته ٽڪراءُ پيدا ٿيندو: صفدر ناهيد

لاهور (بيورو رپورٽ): پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ناهيد خان ۽ صفدر عباسي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جا فيصلا نه مڃيا ويا ته ٽڪراءُ پيدا ٿيندو. لاهور ۾ پ پ ڪارڪن حاجي گل شير جي لاڏاڻي تي سندس گهر ڀاتين سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته صدر زرداري جي سوئس ڪيسن بابت عدالت جي فيصلي تي عمل ٿيڻ گهرجي. هنن چيو ته پ پ سان پنجاب حڪومت جي روئي سبب وزير گاڏين تان جهنڊا لاهي ڇڏين.