|
بلوچستان جي شهر خضدار ۾ ن ليگ جو ضلعي صدر قتل |
 |
|
خضدار (م ڊ): بلوچستان جي شهر خضدار ۾ اڻڄاتل هٿياربندن
فائرنگ ڪري مسلم ليگ ن جي ضلعي صدر عزيز عمراڻي کي قتل ڪري
ڇڏيو آهي، جڏهن ته فائرنگ ۾ سندس ٽي محافظ عبدالستار،
ظفرالله ۽ شجاع الحق زخمي ٿي پيا آهن. واقعي کانپوءِ نواز
ليگ ڪارڪنن خضدار ۾ ڪاروبار بند ڪرائي سخت احتجاج ڪيو. |
|
|
|
|
|
|