43 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، مهانگائي وڌي ويندي: گيلا ني

اسلام آباد (اي پي پي/ م ڊ) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ ملڪي معيشت کي مجموعي طور تي 43 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ 12 لک گهر ۽ 10 هزار کان وڌيڪ اسڪول تباهه ٿيا آهن. وزيراعظم يوسف رضا گيلان وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ هڪ هزار پلون ڊٿيون ۽ 4 هزار ڪلوميٽر تائين روڊ رستا اکڙي ويا آهن. وزيراعظم جو اهو به چوڻ هو ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ خوراڪ جي سلامتي به خطري ۾ پئجي وئي آهي. ملڪ ۾ زراعت ۽ معيشت کي نقصان رسيوآهي. ٻوڏ سبب پيپڪو ۽ واپڊا کي 13 ارب رپيا نقصان ٿيو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ايندڙ سال به زراعت متاثر ٿيندي ۽ معيشت جي تباهي سان ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي ۾ اضافي جو خدشو آهي. هن وقت تائين سندن فنڊ ۾ 2 ارب رپيا جمع ٿي چڪا آهن. ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ميوون،ڀاڄين، کير ۽گوشت جي پيداوار متاثر ٿي آهي.