|
وفاقي وزير جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم لاڏاڻو ڪري ويو |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني حڪومت کاتي جو وفاقي وزير جسٽس
(ر) عبدالرزاق ٿهيم ڪالهه مختصر عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ
مقامي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس تعلق پاڪستان مسلم
ليگ فنڪشنل سان هو. جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم سنڌ بلوچستان
بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج وفاقي
شرعي عدالت جو جج فيڊرل سروس ٽربيونل جو چيئرمين ۽ ضياءَ
دور ۾ مجلس شورا جو ميمبر پڻ رهيو. هن گڏيل قومن ۾ پاڪستان
جي نمائندگي پڻ ڪئي. هو جنرل مشرف جي دور ۾ پاڪستان مسلم
ليگ فنڪشنل جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو ۽ کيس مڪاني
حڪومت کاتي جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته موجوده پ
پ حڪومت ۾ پڻ ساڳيو کاتو مليو هو. سينيٽ ۾ هو مختلف ڪميٽين
جو ميمبر ۽ چيئرمين پڻ رهيو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد
قائم علي شاهه، وڏي وزير جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار جميل
احمد سومري، سياحت واري صوبائي وزير شازيا مري ۽ ثقافت
واري وزير سسئي پليجو عبدالرزاق ٿهيم جي لاڏاڻي تي گهر ڏک
۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. |
|
|
|
|
|
|