وارهه ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو، آخري سهاري ميرواهه کي روڻيون، مظاهرو

وارهه (ن ع آ) ٻوڏ جو پاڻي شهر وارهه ڏانهن وڌڻ جو سلسلو جاري آهي. پاڻي وڏي تيزي سان وارهه شهر جي آخري سهاري ميروهه سان اچي لڳو آهي. پاڻي جي سخت دٻاءَ سبب ميرواهه کي ٽن هنڌن تان روڻيون پئجي ويون آهن. ان باوجود ڪو به عملدار نه پهتو آهي. جڏهن ته هٿرادو ڪٽ ڏيارڻ خلاف وارهه جي هزارين شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي غوث چولياڻي، امام علي چولياڻي، عبدالمنان چانڊيي ۽ ٻين چيو ته بااثر شخص وارهه کي ٻوڙائي رهيو آهي. جڏهن ته مقامي وڏيرا پڻ ڏوڪڙ ڪمائڻ واري لالچ ۾ ان ڪڌي ڪم ۾ ملوث آهن. هنن وڌيڪ چيو ته احتجاج کان پوءِ وارهه شهر کي ٻوڙائڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن.