|
ڪراچي : ٻوڏ متاثر ٽن سالن جو ٻارڙو فوت، ڪفن جي پئسن لاءِ
عورتن جو نيشنل هاءِ وي تي ماتم |
 |
|
ملير (رپورٽ : حمزو پنهور) : نصير آباد مان 8 عورتن سان گڏ
جان بچائي پهتل 3 سالن جو معصوم ٻارڙو فوت، ڪفن جا پئسا نه
هجڻ سبب عورتن فوتي ٻارڙي جو لاش يوسف ڳوٺ اڳيان نيشنل هاءِ
وي تي رکي ماتم ڪيو. ماڻهن چندو ڪري عورتن کي ڪفن دفن جا
پئسا ڏنا. حڪومت ڪابه واهر نه ڪئي. ٻوڏ جي تباهي سبب نصير
آباد جون 8 عورتون ٻارڙن سميت جان بچائي بن قاسم ٽائون جي
علائقي يوسف ڳوٺ پهتيون. جن سان گڏ آيل 3 سالن جو معصوم
ٻارڙو نويد پٽ يعقوب ايري پهچڻ شرط دست ۽ الٽين جي ور چڙهي
فوت ٿي ويو. عورتون ٻي ڪا واهه نه ڏسي معصوم ٻارڙي جو لاش
يوسف ڳوٺ اڳيان نيشنل هاءِ وي تي رکيو شاهد نوح پوٽو، ملير
پريس ڪلب جا صحافي ۽ ڳوٺاڻا پهچي ويا. جن چندو ڪري عورتن
کي فوتي معصوم ٻارڙي جي ڪفن ۽ راشن جا پئسا ڏنا ۽ کين ڀينس
ڪالوني ۾ رهندڙ فوتي ٻارڙي جي چاچي ڏانهن موڪليو. انهي
سلسلي ۾ عورتن سان گڏ آيل 18 سالن جي ٻوڙي ڇوڪري گل بهار
ايري صحافين کي ٻڌايو ته هو نصير آباد جي الهه بخش کوسي
ڳوٺ جا رهواسي آهن ۽ هو جان بچائي هتي پهتا آهن. سندن
سمورا مرد ڳوٺ ۾ ترسيل آهن. جڏهن ته صرف عورتون ۽ ٻارڙا
هتي پهتا آهن. هن چيو ته فوتي ٻارڙي نويد جا ماءُ ۽ پيءُ
پڻ ڳوٺ آهن ۽ هي ٻارڙو اڪيلو آيو هو. هن چيو ته حڪومت سندن
ڪابه واهر نه ڪئي آهي ۽ روڊ تي اسان کي ماتم ۽ دانهون ڪندي
ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن پر ڪو به سرڪاري عملدار نه آيو آهي.30
|
|
|
|
|
|
|