|
گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس طلب |
 |
|
اسلام آباد (آن لائن) گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس
سڀاڻي ٿيندو. صوبن جي مطالبي تي طلب ڪيل اجلاس ۾ ٻوڏ جي
صورت حال ٻاهرين ملڪن مان ملندڙ امداد جا تفصيل، صوبن
طرفان ٻوڏ متاثر علائقن جي نئين تعمير لاءِ فنڊن جي مطالبن
۽ ٻين معاملن کي بحث هيٺ آندو ويندو. اجلاس ۾ چارئي وڏا
وزير شرڪت ڪندا. صدارت وزيراعظم ڪندو. جنهن ۾ نقصانن ۽ ان
جي ازالي لاءِ حڪمت عملي به ترتيب ڏني ويندي. |
|
|
|
|
|
|