12 بدھ , دسمبر 2018

ايم ڪيو ايم جي نئين صورتحال بابت سنڌ جو رد عمل محتاط هجڻ گهرجي

جي اين مغل

گذريل ٻن ٽن ڏينهن دوران ايم ڪيو ايم جيڪي رخ بدلايا آهن انهن جو سنڌ جي جذبن ۽ احساسن تي تي ضرور اثر پيو هوندو. سنڌ جو عوام، خاص طور نوجوان ۽ سنڌ جي سياسي قيادت ان صورتحال جو گهرائي سان جائزو وٺي رهي هوندي، ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن اندر ايم ڪيو ايم جا ارادا ۽ آئندا جون پاليسيون وڌيڪ چٽيون نظر اچڻ لڳن.

مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار جي گڏيل پريس ڪانفرنس دوران به هڪ ڳالهه واضح نظر آئي پئي تي جتي پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال مهاجر جي نالي سان سياست ڪرڻ جي سختي سان مخالفت پئي ڪئي ته فاروق ستار نه صرف ان جي حمايت نه پئي ڪئي پر ان وقت فاروق ستار جو چهرو به رنگ بدلائڻ لڳو پئي، جنهن مان اها ڳالهه صاف نظر پئي آئي ته فاروق ستار ۽ سندس پارٽي ايم ڪيو ايم مهاجر سياست ترڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. مصطفيٰ ڪمال پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار کي ڀائي چوڻ لاءِ تيار نه هو، جڏهن ته فاروق ستار بضد هو ته کيس ڀائي چيو وڃي.

واضح رهي ته ايم ڪيو ايم جي سياست ۾ الطاف حسين جو لقب ڀائي هو ۽ آهي. ان جي معنيٰ اها ٿي ته فاروق ستار ۽ سندس تنظيم الطاف حسين سان ان طرح اڻ سڌي انحرافي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، بعد ۾ ٻئي ڏينهن يعني خميس تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم جو نالو به ساڳيو رهندو، جهنڊو به ساڳيو رهندو ۽ منشور به ساڳيو رهندو. حالانڪه هڪ ڏينهن اڳ نه چاهيندي به ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال جي ان ڳالهه کي رد نه ڪري سگهيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پاڪ سرزمين پارٽي هڪٻئي ۾ زم ٿي وينديون، سندن نالو ايم ڪيو ايم نه پر ٻيو ڪو هوندو ۽ ان نئين پارٽي جو جهنڊو به ساڳيو هوندو پر منشور نئون هوندو.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته خميس تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو جيڪو اجلاس ٿيو تنهن ۾ فاروق ستار شرڪت نه ڪئي ۽ بعد ۾ هن نائين وڳي پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن جو مک ٽارگيٽ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي نه پر مصطفيٰ ڪمال هو. هن به رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن سان اتفاق ڪيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ هن اعلان ڪيو ته هو ايم ڪيو ايم ۽ سياست تان دست بردار ٿي رهيو آهي ۽ اهو به چيو ته هو في الحال آمريڪا وڃي رهيو آهي، پر بعد جي اطلاعن مطابق رابطا ڪميٽي جي رهنمائن ڊاڪٽر فاروق ستار جي والده کي گذارش ڪئي ته هوءَ فاروق ستار تي زرو ڏئي ته هو ايم ڪيو ايم کان ڌار نه ٿئي، انهن اطلاعن مطابق فاروق ستار ماءُ جو چوڻ مڃيو ۽ ايم ڪيو ايم ۽ سياست کان ڌار ٿيڻ وارو فيصلو واپس ورتو.

اڪثر سياسي حلقن جو خيال آهي ته فاروق ستار جو ايم ڪيو ايم کان ڌار ٿيڻ وارو اعلان ۽ بعد ۾ ماءُ جي چوڻ تي ايم ڪيو ايم جي بدستور قيادت ڪرڻ وارو اعلان پهرين کان تيار ٿيل ڪنهن ڊرامي جو حصو آهي. هونئن به اڪثر سياسي حلقا ان راءِ جا پئي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان حقيقي طور تي ڪڏهن به ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ الطاف حسين جي قيادت کان ڌار نه ٿيا آهن ۽ پردي پويان اڄ به ايم ڪيو ايم پاڪستان الطاف حسين جي هدايتن تحت ڪم ڪري رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي فيصلن، جن جي تائيد بعد ۾ فاروق ستار به ڪئي آهي، اها ڳالهه هاڻ وڌيڪ چٽي ٿي وئي آهي ته هاڻ الطاف حسين جي هدايتن تحت فاروق ستار جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم کلي طرح ۽ انتهائي زوردار انداز ۾ مهاجر سياست ڪندي، جنهن جو مک ٽارگيٽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري ڪراچي صوبو بنائڻ هوندو. سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هاڻ ايم ڪيو ايم جي آئندي جي سياست بابت اها راءِ درست آهي ته پوءِ سنڌ جي سياسي قيادت جو ڪهڙو رد عمل هئڻ گهرجي.

ان سلسلي ۾ انتهائي ادب ۽ احترام سان منهنجي سنڌ جي سياسي قيادت کي اپيل هوندي ته في الحال ڪو به رد عمل ظاهر ڪرڻ کان اڳ اڃا ڪجهه وڌيڪ ڏينهن جائزو وٺڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم جي ان سياست جو دنگ ڪٿي ٿئي ٿو. پر اها ڳالهه تمام ضروري آهي ته في الحال سنڌ جون سڀ سياسي ڌريون فوري طور پنهنجين پنهنجين تنظيمن جو اجلاس گهرائي ايم ڪيو ايم جي ان نئين رخ جو تجزيو ڪن ۽ جنهن به راءِ تي پهچن ته اهو ميڊيا ذريعي ظاهر نه ڪيو وڃي. هئڻ ائين گهرجي ته انهن تنظيمن مان جيڪي تنظيمون هڪٻئي جي ويجهو آهن اهي پاڻ ۾ گڏيل اجلاس ڪن ۽ ان اجلاس ۾ ان نئين صورتحال جو گڏيل جائزو ورتو وڃي. اهي تنظيمون ان گڏيل اجلاس کانپوءِ پنهنجو موقف ظاهر ڪرڻ چاهين ته ڀلي ڪن، پر اهو به اڃا محتاط هئڻ گهرجي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي سموري قيادت هاڻ جيترو هڪٻئي سان گڏجي ته اهو سنڌ جي مفاد ۾ هوندو. آئون ان سلسلي ۾ خاص طور تي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ۽ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي کي احترام سان گذارش ڪندس ته هو ان سلسلي ۾ ابتدائي قدم پاڻ کڻن، جڏهن ته اهو وڌيڪ سٺو ٿيندو. سنڌ کي درپيش چئلينجن جي تقاظا آهي ته سڀ کان پهرين سنڌ جي سياست پاڻ ۾ گڏجي ۽ ان صورتحال بابت سنڌ جي هڪ گڏيل موقف تي اتفاق ڪن. ان کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ آئون خاص طور سنڌ جي انهن ٻن سياسي رهنمائن ۽ سنڌ جي ٻين سياسي ڌرين کي اپيل ڪندس ته انهيءَ صورتحال کي مستقل طور منهن ڏيڻ لاءِ اهي سياسي رهمناءَ گڏجي، يا ڌار ڌار ئي صحيح ڪراچي ۾ رهائش پزير ٻين سياسي تنظيمن سان گڏجاڻيون ڪن ۽ جائزو وٺن ته انهن ڌرين جي نئين سياست بابت سندن ڪهڙي راءِ آهي ۽ هنن جي سياست جو ڪهڙو رخ آهي.

ان سلسلي ۾ منهنجي تجويز هوندي ته هو سڀ کان پهرين ڪراچي ۾ پختونن جي قيادت ڪندڙ پارٽي اي اين پي جي سربراهه شاهي سيد ۽ ان پارٽي جي ڪجهه ٻين رهنمائن سان ملاقات ڪن، جيڪڏهن اها ملاقات ٿئي ٿي ته سنڌ جي سياسي قيادت ان گڏجاڻي ۾ ان صورتحال بابت پنهنجي حڪمت عملي ظاهر ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪرڻ بدران انهن جي اڳيان صورتحال رکي هنن کان معلوم ڪن ته هو هن صورتحال کي ڪيئن ٿا ڏسن ۽ هنن جي خيال ۾ ان صورتحال کي ڪيئن منهن ڏجي. جيڪڏهن ڪراچي جي ان پٺاڻ قيادت ۽ سنڌ جي ان سياسي قيادت ۾ هم آهنگي هجي ته پوءِ سنڌ جي قيادت اها تجويز رکي سگهي ٿي ته ان صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي جي پٺاڻ قيادت ۽ سنڌ جي سياسي قيادت جي وچ ۾ ڪو اتحاد قائم ڪيو وڃي.

منهنجي اها به تجويز آهي ته ڪراچي شهر جي بلوچ قيادت، ڪڇين جي قيادت ۽ ڪراچي جي پنجابين جي قيادت کي به ويجهو آڻي سگهجي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ به ڪوششون ڪيون وڃن. منهنجي ته اها به راءِ آهي ته ڪراچي جي گجراتي ميمڻ ڪميونٽي ۽ سنڌ سان سرحدون لڳندڙ هندستان جي صوبن مان هجرت ڪري هتي آيلن سان به ويجهڙائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، هئڻ ته ائين کپندو هو ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت ئي اهي ڪوششون ڪيون وڃن ها. پر ان وقت اسان جي سنڌي قيادت کي ان ڳالهه جو احساس نه ٿيو. هالانڪه گجراتي ميمڻ نسلي طور سنڌي آهن، سنڌ جو قومي شاعر شيخ اياز ته گجراتي ميمڻن کي سڏيندو ئي Lost sons of Sindh سنڌ جو گم ٿيل اولاد هو. ان کانسواءِ سنڌي زبان ۽ گجراتي ميمڻن جي ميمڻي زبان ۾ ڪهڙو فرق آهي.

مونکي ياد آهي ته ڪجهه سال اڳ جڏهن آئون ڪجهه ڏينهن لاءِ بمبئي ۾ ترسيس ته پهرين ڏينهن بمبئي شهر جو چڪر لڳائڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتس ته بمبئي جي زبان ته سنڌي آهي، ڇا ڪاڻ ته بمبئي ۾ يا ته سنڌ مان آيل سنڌي هندو رهن ٿا يا گجراتي ميمڻ رهن ٿا. پهرين ڏينهن مختلف دڪانن تي وڃڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتس ته بمبئي جي اڪثر زبان سنڌي آهي. ان کانپوءِ باقي ڏينهن آئون بمبئي ۾ جنهن به دڪان تي ويندو هوس ته سنڌي ۾ ڳالهائيندو هوس، پر سودو ڪرڻ ۾ نه دڪاندارن کي دڪت محسوس ٿي نه مونکي محسوس ٿي. جيستائين سنڌ جي بارڊر وارن صوبن مان لڏي آيل ماڻهن جو تعلق آهي ته هنن جي زبان ۽ لهجي ۽ يوپي، سي پي ۽ بهار مان لڏي آيلن جي زبان ۽ لهجي ۾ وڏو فرق آهي، هنن جي زبان ۽ لهجو ته سنڌي زبان ۽ سنڌين جي لهجي سان ملي جلي ٿو.

اڃا اسان کي ايم ڪيو ايم جي نئين رجحان جو جائزو وٺڻو پوندو، پر منهنجو خيال آهي ته هو هاڻ شايد انتهائي جارحياڻي سياست اختيار ڪندا. پر اسان کي موٽ ۾ هنن سان جارحياڻي رويو اختيار ڪرڻ بدران شاهه لطيف جي پيغام مطابق مفاهمت واري رويي ذريعي هنن کي Expose  وائکو ڪرڻو پوندو، ان کانسواءِ اسان کي هڪ ٻي به ڪوشش ڪرڻي پوندي سنڌ جا دانشور به اڳيان اچن ۽ ترقي پسند، لبرل ۽ سمجهدار اردو ڳالهائيندڙ دانشورن ۽ فردن سان رابطو ڪري هڪ ڀيرو وري سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ ڊائيلاگ شروع ڪيو وڃي، اهڙي هڪ ڪوشش ماضيءَ ۾ به ڪئي وئي هئي، جڏهن جناب محمد ابراهيم جويو جيڪو هاڻ اسان کان وڇڙي ويو آهي تنهن جي قيادت ۾ سنڌي دانشورن اردو ڳالهائيندڙ دانشورن سان مذاڪرات ڪري امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل اعلان نامي تي دستخط ڪيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے