15 جمعرات , نومبر 2018

عوامي آواز رپورٽ: سنڌ اينگرو جا ترقاتي ڪم هلندڙ، ڪيئي منصوبا مڪمل ٿي ويا

سنڌ اينگرو مائنگ ۽ پاور پراجيڪيٽ ٿر پنهنجي ڪاميابيءَ طرف روان دوان آهي،

اينگرو طرفان ٿر ۾ ڪيئي تعليمي ۽ صحت جي منصوبن تي ڪاميابيءَ سان ڪم جاري آهي……….،

آڪٽوبر 2017 ع واري مالي سال جي پڄاڻيءَ تي سنڌ اينگرو کي 38 مهينا مڪمل ٿا،

 جڏهن ته سيپٽمبر تائين منصوبو پنهنجو اڌ ڪم مڪمل ڪري چڪو هوندو،

هن وقت اينگرو کوٽائيءَ جي ڪم کي 100 ميٽرن تائين مڪمل ڪري چڪي آهي،

 جڏهن ته ڪوئلو 135 ميٽرن تائين ملڻ جو پڪو امڪان آهي،

اينگرو پاور پلانٽ مان بجليءَ جي سپلاءِ کي مڪمل طور تي محفوظ بڻايو ويو آهي،

                جڏهن ته سنڌ جو گورنر محمد زبير اينگرو جي چيئرمين حسين دائود سان پڻ هن مهيني اينگرو پلانٽ جو دورو ڪري چڪو آهي

ٻئي طرف ٿر فائونڊيشن جي سرگرمين جو ڪم پڻ جاري آهي،

سنڌ اينگرو پاران 2017ع تائين 800 ٻارن لاءِ تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو هو،

 جڏهن ته ايندڙ سال تائين پنج هزار ۽ سال 2018ع تائين ٻارنهن هزارن تائين پهچائڻو آهي،

 تعليمي سرگرمين جي حوالي سان سنڌ اينگرو جو اهو حدف آهي ته ايندڙ سالن ۾ اسلام ڪوٽ تعلقه جي ڇهه سو اسڪولن کي سنڀاليو وڃي ،

هن سال هڪ هزار ٻارن لاءِ ٽي سي ايف اسڪول جو افتتاح سنڌ جي گورنر ڪيو جڏهن ته 180 ٻارن لاءِ سي ايف سي اسڪول جو افتتاح بيگم دائود ڪيو هو،

سنڌ اينگرو جو عزم آهي ته پاڪستان کي روشن رکڻ لاءِ مناسب اگهن تي بجلي پهچائڻ ۽ ٿر جي ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ پنهنجيون ڪوششون جاري رکندي.

اينگرو سنڌ جي ترقياتي منصوبن متعلص پيش آهي هيءَ خصوصي رپورٽ.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے