15 جمعرات , نومبر 2018

اين ٽي ايس ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ جي آجيان پر…

زلف پيرزادو

سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ 22 آڪٽوبر 2017ع تي ورتل ٽيسٽ ۾ بدانتظامي ۽ اقربا پروري جا پختا ثبوت ملڻ بعد سنڌ صحت کاتي ٽيسٽ جا نتيجا رد ڪري ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ياد رهي ته سنڌ جي اهم درسگاهن ۾ داخلا لاءِ ٿيندڙ هر ٽيسٽ ۾ ڪجهه بااثرن، مالدار ماڻهن، ڪرپٽ ڪامورن جي اها ڪرت جاري هئي پر هن سال شايد ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي ۾ سموريون حدون اورانگهيون ويون، نتيجي ۾ سنڌي ءَ ۾ چوڻي آهي ته ”29 راتيون چور جون، هڪ رات ڀاڳين جي“ سو ورهين کان هلندڙ ڪڌي ڪرت جو آخرڪار ڀانڊو ڦاٽي پيو.

سوال اهو آهي ته ان ڪرت سبب جن غريب ذهين ۽ حساس ٻارن کي جيڪا اذيت پهتي ان جو پورائو ڪيئن ٿي سگهندو. سنڌ ۾ پرائمري ۽ هائير سيڪنڊري تعليم ته اڳ ئي تباهه آهي پر جيڪڏهن ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي اهم ترين پروفيشنل ادارن ۾ به اها حالت هوندي ته پوءِ سنڌ جو مستقبل ڇا هوندو؟

مسئلو رڳو ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ جو نه آهي، انصاف اهو آهي ته انهن مالدار، سفارشي ۽ ٽيسٽ وٺندڙ ڪرپٽ ڪامورن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، جيڪي نه صرف وڏي عرصي کان غريب ذهين ٻارڙن جو حق ڦٻائيندا رهيا آهن ۽ انهن حساس معصومن کي ذهني مريض بڻائيندا رهيا آهن ۽ بي پهچ هارين ۽ پورهيتن جا ٻارڙا ذهين هجڻ باوجود پنهنجي حق کان محروم ٿيندا رهيا آهن.

هاڻ به رڳو ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ جو فيصلو اهم نه آهي پر اهم اهو آهي ته ٽيسٽ جي نگراني اهڙي ٿيڻ گهرجي جو ڪنهن به ٻار سان اهليت جي معاملي ۾ ٻه اکيائي نه ٿئي، ايئن نه ٿئي ته وري مالدار ماڻهو لکين رپيا خرچي پنهنجا ٻار انتهائي اهم پروفيشنل ادارن ۾ پهچائي ڇڏين، يا وري ٽيسٽ وٺندڙ عملدار پنهنجن ٻارن کي پاس ڪري غريب ذهين ٻارڙن جو حق ڦٻائي وڃن.

تجويز اها آهي ته ملڪ جي انتهائي سينيئر ۽ ساک وارن پروفيسرن، ڊاڪٽرن، قانوني ماهرن ۽ ساک رکندڙ ميڊيا جي ماڻهن تي ٻڌل ڪا نگران ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا هن سموري انتهائي اهم ۽ پروفيشنل ٽيسٽ جي ايمانداري ۽ ذميواري سان نگراني ڪري جيئن انتهائي اهم پروفيشنل درسگاهن ۾ اهل ۽ ذهين ٻار پهچي سگهن ۽ سٺا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر هن ملڪ کي ملي سگهن. ان لاءِ هر قسم جي ڪرپشن، واپار ۽ سفارش کي ختم ڪرڻ لاءِ انتهائي جوڳا انتظام ڪيا وڃن. شڪايتون اهي به آهن ته ڪيترن ئي شاگردن جا جمع ڪرايل سرٽيفڪيٽ ئي گم ڪيا ويا آهن، نتيجي طور اهي ٻارڙا مورڳو ذهني مريض ٿي ويا آهن.

جاچ ڪميٽيءَ جي ذريعن کان ته اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٽيسٽ وٺندڙ ڪامورن جا مختلف اڪيڊمين ۽ وڏن ادارن جا ٺيڪا ورتل هئا. نتيجي طور انهن ادارن ۽ اڪيڊمين مان آيل شاگردن کي انتهائي وڌيڪ مارڪون ڏئي پروفيشنل ادارن ۾ پهچائيندا هئا ۽ ان ڪرت عيوض ادارن ۽ اڪيڊمين کان لکين رپيا اوڳاڙيندا هئا.

ڪميٽي جي ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته 22 آڪٽوبر 2017ع تي ورتل ٽيسٽ جو پرچو ڪراچيءَ ۾ وقت کان 15 منٽ اڳ مخصوص شاگردن کي ڏنو ويو، اهڙي طرح حيدرآباد ۾ اڌ ڪلاڪ اڳ سواليا پرچو مخصوص شاگردن کي ڏنو ويو.

باقي اڳتي جو ڇا حال هوندو ان جو فقط اندازو لڳائي سگهجي ٿو. شڪايت اها به آهي ته سواليا پرچي جا 70 سيڪڙو سوال ڪورس کان ئي ٻاهر جا هئا.

ان سڄي صورتحال ۽ ماجراتي ماتم کان پوءِ هاڻي سوال آهي ته مستقبل ۾ اهڙا ڪهڙا انتظام ڪيا ويندا جو بيان ڪيل صورتحال جو ورجاءُ نه ٿئي ۽ انتهائي پروفيشنل طور طريقي سان اها ٽيسٽ ورتي وڃي جيڪا نج ميرٽ تي ٻڌل هجي. ان سان هڪ ته ذهين پر بي پهچ شاگردن سان انصاف ٿي سگهندو ٻئي طرف ملڪ کي انتهائي ذهين ۽ باصلاحيت ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ملي سگهندا. ان لاءِ رڳو ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ وڏي ڳالهه نه آهي پر اها انتهائي شفاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي وٺڻ هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي.

ملڪ ۾ ساک رکندڙ ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ صحافين جي کوٽ نه آهي، جڏهن ته آڪسفورڊ جهڙا ساک وارا  ادارا به موجود آهن. ٻيو طريقو اهو به ٿي سگهي ٿو ته ٽيسٽ وٺڻ جي ذميواري فقط ڪنهن هڪ يونيورسٽي يا اداري حوالي ڪرڻ بدران هر ميڊيڪل ڪاليج يا يونيورسٽيءَ کي اها ذميواري ڏني وڃي ته اهي ساک رکندڙ پروفيسرن سينيئر ڊاڪٽرن تي ٻڌل نگران ڪميٽيون جوڙي نج ميرٽ جي بنياد تي پاڻ ٽيسٽ وٺن.

اميد ڪجي ٿي ته سنڌ حڪومت هن انتهائي اهم ۽ پروفيشنل ٽيسٽ کي شفاف بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي، اهڙا انتظام ڪندي جيئن نتيجن تي ڪو به آڱر نه کڻي سگهي. سو ڏسجي ته اهڙا ڪهڙا انتظام ڪيا وڃن ٿا.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا نيب پنهنجو جاچ طريقو تبديل ڪندي…؟

مصطفيٰ جمالي نئب ادارو ڇا ڪري رهيو آهي.؟سڀ ڪجهه درست طريقي سان ڪري رهيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے