15 ہفتہ , دسمبر 2018

فاروق ستار جي سياست ۽ سنڌ جي بقا جو سوال

علي ٿهيم

ايم ڪيو ايم مان الطاف حسين کي مائنس ڪرڻ کان پوءِ  خيال ڪيو پئي ويو ته هاڻي ايم ڪيو ايم جي سوچ ۾ تبديلي ايندي. ايم ڪيو ايم پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ  اهو به خيال ڪيو پئي ويو ته هاڻي ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ نفرت واري لساني سياست نه ڪندي پر تازو ڊاڪٽر فاروق ستار ڪراچي ۾ جيڪو ڊرامو ڪيو ان ڊرامي جي پڄاڻيءَ تي سندس دل ۾ سنڌ خلاف جيڪو زهر ڀريل هو اهو سندس زبان تي اچي ويو ڪراچي ۾ فاروق ستار پاران ڊرامي جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس دوران الڳ صوبي جو نعرو هنيو هن اهو نعرو الڳ صوبي جو نه پر سنڌ واسين خلاف زهر اوڳاڇيو آهي متحدا قومي موومينٽ پاران الطاف حسين کان لا تعلقي ظاهر ڪري نئين سري سان سياست جي شروعات ڪئي وئي، عوام سمجهيو ته هاڻي سنڌ ۾ نفرتن واري سياست نه هلندي ڪنهن جي دل آزاري نه ٿيندي، ايم ڪيو مان لساني سوچ ختم ٿيندي پر ائين نه ٿي سگهيو. فاروق ستار ماڻهن جي سوچ تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ قوم آڏو واضع ڪيو آهي ته پارٽي مان الطاف حسين مائنس ٿيو آهي ته ڇا ٿيو الطاف جي سوچ اڃا جاري آهي.

ايم ڪيو ايم ٺھڻ کان اڳ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ محبت ڀائي چاري واري فضا قائم هئي 1985 ۾ ايم ڪيو ايم جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ته نفرتن جو ٻج ڇٽيو ويو پر ملڪ خلاف به سازشون شروع ڪيون ويون ايم ڪيو ايم جيڪا پنهنجي وجود کان هن وقت تائين سدائين بليڪ ميلنگ ڪري اقتدار ۾ رهندي آئي آهي ان هوندي به هو سدائين مظلوميت جو راڳ الاپيندا رهيا آهن هزارين ماڻهن کي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو جن مان قتلن جي وڏي انگ جا الزام انهن تي لڳندا رهيا آهن. انڌا ، منڊا ، ٽنڊا ، ڪاڻا ، لولا لنگڙا ، چريا ، مطلب قاتلن کي عجيب لقب ڏنا ويا، ڪراچي جي منڊنٽ کي بندوق جي زور تي يرغمال بڻايو ويو مخالفن کي ڪچليو ويو، الطاف حسين کان منهن موڙيندڙن کان جيئڻ جو حق ئي کسيو ويو لٽ مار ڀتي خوري جو رواج وڌو ويو . سنڌين ، پنجابين ، پٺاڻن جو قتل عام ڪيو ويو حالتون ايتريون ته خراب ڪيون ويون جو سنڌ واسي پنهنجي ئي شهر ۾ وڃڻ کان لنوائيندا رهيا ان کان سواءِ چائنا ڪٽنگ ، زمينن تي قبضا ، اغوا جون وارداتون ، ٻورين مان لاش ملڻ سميت ڪراچي ۾ انيڪ خوف ناڪ شيون متعارف ڪرايون ويون، ڪراچي جي فضا هر وقت خوف وارا منظر پيش ڪري رهي هئي.

1993 کان 1996 جي آخر تائين پ پ پ حڪومت پاران آپريشن ڪري سندس چيلهھ چٻي ڪئي وئي پر ان کان پوءِ ايندڙ حڪومتن پاران ايم ڪيو ايم تي وڏيون مهربانيون ڪيون ويون، ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر تيلي مان ٿنڀ ٿي ويئي.

2001 کان پوءِ مشرف دور ۾ ته ايم ڪيو ايم کي آل نال ڪيو ويو ان دور ۾ نيٽو جي هٿيارن جا هزارين ڪنٽينر غائب ڪيا ويا انهن جو الزام به انهن تي لڳو پر تازو آپريشن ضرب عضب شروع ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ آپريشن جون ذميواريون رينجرس کي مليون رينجرس پاران ڪراچي ۾ آپريشن شروع ڪيو ته همراهن کان دانهون نڪري ويون انهن آپريشن کي ناڪام ڪرڻ لاء پروپيگنڊا سان گڏ ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر رينجرس آپريشن تيز ڪندي وڏي انگ ۾ دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو، وڏي انگ ۾ دهشت گرد گرفتار ٿيا بلديا فيڪٽري سانحي جو مک جوابدار دبئيءَ مان گرفتار ٿيو.

تازو دبئي مان نامي گرامي دهشت گرد جاويد لنگڙا جي گرفتاري جا به اطلاع آهن انهن کان سواءِ به وڏي انگ ۾ خطرناڪ دهشت گرد گرفتار ٿيا ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين تي را کان فنڊ وٺڻ جا به الزام لڳا، ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان گڏ ٿيندڙ ڀتي وارا پئسا مني لانڊرنگ ذريعي لنڊن ويندا رهيا آپريشن کان پوءِ الطاف حسين کي ايم ڪيو ايم مان مائنس ڪيو ويو ۽ فاروق ستار کي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراھ ٺاهيو ويو.

فاروق ستار جي قيادت کان پوءِ اهو تاثر عام هو ته ايم ڪيو ايم هاڻي لساني سياست کان پاسو ڪندي پر انهن جي دلين ۾ جيڪو زهر ڀريل آهي اهو ختم ٿيڻ نا ممڪن آهي اهو فاروق ستار جي زبان مان ثابت ٿي ويو آهي هن الڳ صوبي جو نعرو هڻي اهو پيغام ڏنو آهي ته الطاف پارٽي مان ته مائنس ٿيو آهي پر هن جي سوچ فڪر ۾ اڃا موجود آهي فاروق ستار جي ان لساني سوچ سڄاڻ حلقن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته شخصيتون مٽجڻ سان فڪر ۽ سوچ تبديل نه ٿيندي آهي، اسان جي  خيال ۾ فاروق ستار هڪ ڀيرو ٻيهر نفرتون پکيڙڻ لاءِ جنگ جو طبل وڄايو آهي ۽ هن پنهنجي سياست جو مقصد هڪ مخصوص طبقي جي نمائندگي بابت به واضع طور ٻڌائي ڇڏيو آهي. ملڪي ادارن، پاڪستان جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پارٽين  ۽ حڪومت کي ان طرف سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي، ان کان اڳ جو هي سنڌ کي هڪ ڀيرو ٻيهر لسانيت ڏانهن ڌڪڻ ۾ ڪامياب ٿين انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، گرفتار ٿيل دهشت گردن جي بيانن جي آڌار تي ايم ڪيو ايم جي مستقبل جو فيصلو ڪري ملڪ کي لساني سياست کان پاڪ ڪيو وڃي

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے