18 منگل , دسمبر 2018

سنڌ سان پاڻي ورڇ تي ٿيندڙ ناانصافيون ڪڏهن ختم ٿينديون.؟؟

مصطفيٰ  جمالي

پنجاب منگلا ڊيم مان پاڻي کڻت گهٽائي چشما ڪئنال ذريعي سنڌوءَ مان 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻت وڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ارسا سنڌ کي پورو پاڻي جو حصو ڏيارڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، وڏي ڳالهه ته ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو نه هجڻ ڪري پنجاب سان ويساهه گهاتيءَ تي احتجاج ڪرڻ وارو به ڪير نه آهي،

سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي اهڙي راتاهي جو واقعو هي پهريون نه آهي، ملڪ ٺهڻ کان وٺي مختلف حيلن بهانن سان پنجاب سنڌوءَ مان پاڻي کڻي پنهنجيون لکين ايڪڙ غير آباد زمينون سرسبز ڪندو رهيو آهي ۽ سنڌ جون آباد لکين ايڪڙ زمينون پاڻي کوٽ ڪري غيرآباد ٿينديون رهيون آهن، جڏهن ته هو پنهنجا درياهه وڪڻڻ کان پوءِ سنڌو درياهه تي قبضي لاءِ سازشون به ڪندو رهيو آهي، ڇو ته پنجاب سنڌو درياهه جي منڍ ۾ آهي، ان ڪري آساني سان پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻندو رهي ٿو.

پنجاب ان حوالي سان ڪڏهن به ڏيهي سطح تي ٿيندڙ پاڻي ٺاهن تي عمل نه ڪيو آهي، جڏهن ته سڄي دنيا جو اهو مڃيل اصول آهي ته درياهي پاڻيءَ تي پهريون حق پڇڙيءَ وارن جو هوندو آهي، پر پنجاب اهڙي عالمي قانون ۽ اصول جي بنا ڊپ ڊاءُ جي لتاڙ ڪندو رهيو آهي، ان ڪري پاڻي ورڇ جي حوالي سان پنجاب جون سنڌ سان زيادتيون گهٽ ٿيڻ بدران وڌنديون رهيون آهن، ڇو ته وڏي صوبي کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي ته آخرڪار هن ننڍن صوبن سان اهڙي روش ڇو اختيار ڪئي آهي ۽ ان رويي جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا.

صرف ٻه ڏينهن اڳ قومي اسيمبليءَ ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ (ن) ليگ جي ايم اين ايز مطالبو ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو وڃي، جنهن تي سنڌ سان لاڳاپيل قومي اسيمبلي ميمبرن جواب ۾ چيو ته هو ڪڏهن به ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏيندا، ڪالا باغ ڊيم جي تعمير واري مطالبي مان پنجاب جا ارادا وڌيڪ واضح ٿي رهيا آهن ته هو سنڌو درياهه جي پاڻي تي مستقل قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ملڪ جون 3 صوبائي اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم رد ڪري چڪيون آهن، مرڪزي حڪومت ڪالاباغ ڊيم کي هميشه لاءِ دفن ڪرڻ جو واضح اعلان ڪري چڪي آهي، سنڌ صوبو هر سطح ۽ هر پليٽ فارم تي سگهارن دليلن جي بنياد تي ڊيم کي رد ڪري چڪو آهي ۽ ملڪ جا ڏاها چئي چڪا آهن ته ڪالا باغ ڊيم تڪراري رٿا آهي، جنهن تي زبردستي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته ملڪ کي نقصان رسي سگهي ٿو ته پوءِ اهڙي تڪراري رٿا تي عمل جو مطالبو ۽ ان جو لاڳيتو ورجاءُ آخر ڪهڙن ارادن جي نشاندهي ڪري ٿو؟

عملي طور صورت حال اها آهي ته سنڌ کي 91ع ٺاهه تحت پاڻي نه ملڻ ڪري ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه وڃڻ سبب سامونڊي پٽيءَ ۾ خاص طور ٺٽي ۽ بدين ضلعي ۾ لکين ايڪڙ زمين سامونڊي پاڻيءَ غير آباد ڪري ڇڏي آهي.

ٻئي طرف پڪي تي پڻ وقت سر پاڻي نه ملڻ ڪري هزارين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي ويون آهن، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، واهن ۽ شاخن ۾ وارا بندي هلي رهي آهي، سنڌ خط لکي ارسا کان مطالبو ڪيو ته سي جي ۽ تونسا پنجند بند ڪرايو ته پنجاب منگلا ڊيم مان کڻت گهٽائي سي جي ڪئنال ذريعي 7 هزار بدران پاڻي وهڪري ۾ 5 هزار ڪيوسڪ واڌ ڪري ڇڏي آهي، ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر نامزد ته ڪيو ويو آهي، پر اڃا عملي طور ان ذميواريون نه سنڀاليون آهن، ان ڪري پنجاب کان ڪوبه پڇڻ وارو نه آهي، اسان جي خيال ۾ ارسا، پنجاب ۽ وفاقي حڪومت کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ننڍن صوبن سان هر معاملي خاص طور پاڻي ورڇ واري مسئلي تي ٿيندڙ مسلسل زيادتي معمولي نوعيت جو معاملو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو تڪرار ۽ پنجاب جو رويو صوبن وچ ۾ نفرتن جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي، جنهن جا مستقبل ۾ نقصان ڪار نتيجا نڪري سگهن ٿا، ماضيءَ ۾ به ڪن لاٽار ۽ بي ڌيانيءَ جو نتيجو سڀني سامهون آهي، ان ڪري جيڪڏهن پنجاب کي به ٻين صوبن جيان ملڪ سان محبت آهي ته ٻيو ڪجهه به نه صرف صوبن سان برابريءَ واري بنياد تي ڀائيچاري وارو رويو اختيار ڪري ۽ اهم معاملن تي فيصلن ۾ انصاف کان ڪم وٺي، ڇاڪاڻ ته غير جمهوري حڪومتن ۾ رنگ، نسل، ذات، مذهب ۽ قوم جي بنياد تي عوامي طاقت ورهائجي وئي آهي، ان ڪري ملڪ جا بنياد ڪمزور ٿي چڪا آهن، جن کي تڏهن ڪجهه مضبوط ڪري سگهجي ٿو، جڏهن صوبن سان برابري ۽ انصاف ڀريو رويو اختيار ڪيو وڃي، تڪراري معاملن کي هٿي ڏيڻ بدران صوبن جي حقن جو تحفظ ۽ احترام ڪيو وڃي، سمورا فيصلا برابريءَ جي بنياد تي گڏجي ويهي ڪيا وڃن.

بلوچستان جا جبل اڳ ئي ٻري رهيا آهن، نوجوان هٿيارن سميت جبلن تي ويٺل آهن، لاش ملڻ، فائرنگ ۽ ڌماڪا روز جو معمول بڻيل آهي، هڪ طرف بلوچن کي پرچائڻ لاءِ ڳالهين ۽ پئڪيجن جا اعلان ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف وري ويڙهه به جاري آهي، جنهن ڪري اڃا تائين مسئلي جو پر امن حل نه نڪري سگهيو آهي، اهڙي صورت حال ۾ وري سنڌ جي حقن تي راتاهو ۽ غير منصفاڻا فيصلا اهڙين حالتن کي جنم ڏيندا، جيڪي ڪنهن وڏي سانحي جو ڪارڻ به بڻجي سگهن ٿيون، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موجوده حالتن ۾ صوبن جا حق ڦٻائڻ واري روش تبديل ڪئي وڃي، ملڪ کي مضبوط ڪرڻ جي وڏي ذميواري وڏي صوبي تي آهي، ان ڪري وڏي صوبي جي چونڊيل عوامي نمائندن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سنجيدگي ۽ بردباري جو مظاهرو ڪندي تڪراري معاملن کي ڇيڙڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ننڍن صوبن جون شڪايتون ختم ڪرڻ لاءِ عملي طور اڳ ڀرائي ڪرڻ گهرجي.

پاڻي ورڇ معاملو سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڳنڀير تڪرار بڻجي چڪو آهي، جنهن کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ جون ڪوششون ورتيون وڃن، ڪالا باغ ڊيم سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ان ڪري اهو لفظ ته سياست دانن کي هميشه لاءِ ذهن مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي، ڏيهي سطح تي ٿيل ٺاهن ۽ عالمي اصولن موجب پاڻي تڪرار کي حل ڪرڻ گهرجي، ڇو جو اهو تڪرار حساس نوعيت جو ٿي چڪو آهي، ان تي ڪن لاٽار کان ڪم وٺڻ مناسب رويو نه آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

واٽس ايپ جي پليٽ فارم ۾ خاموش انقلاب آڻڻ جي طاقت 

زيد پيرزادو دنيا جيئن جيئن ترقي ڪري ٿي ھر شيءِ ۾ تبديلي ٿئي ٿي. وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے