15 ہفتہ , دسمبر 2018

بدين ۾ زوري پرڻايل نينگري ڏاڏي حوالي، گهوٽ، مولوي ۽ پيءَ جو رمانڊ

بدين(رپورٽ: رازق ڏنو کوسو ) بدين ۾ ٻه ڏينھن اڳ ٻارڙي مرڪ سان لائون لھندڙ 40 ورھين جو عبدالخالق، نينگري جو پيءُ جانو عرف جان محمد شيدي ۽ نڪاح پڙھائيندڙ مولوي محمد دائود جت کي بدين پوليس سول جج بدين جي عدالت ۾ پيشڪيو، جتي ٻارڙي مرڪ پنھنجي ويڳي ماءُ صائمه ۽ ڏاڏي سان وڃڻ جي خواھش ظاھر ڪئي، عدالت کيس انھن سان گڏ وڃڻ جو حڪم ڏنو، جڏھن ته ٻارڙي مرڪ سان لائون لھندڙ عبدالخالق، مولوي دائود جت ۽ مرڪ جي پيءُ جان محمد عرف جانو شيدي جو پوليس پاران عدالت کان ھڪ ڏينھن جو رمانڊ گھريو، جنھن تي عدالت ٽنھي جوابدارن کي ھڪ ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ گئس بندش خلاف احتجاج، عمران خان انڊي وارو آهي: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني وزير اعظم عمران خان جو نالو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے