20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ايران ۽ عراق ۾ خوفناڪ زلزلي سبب فوتين جو انگ 450 کان وڌي ويو

تهران / بغداد ( ويب ڊيسڪ ) ايران ۽ عراق ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 450 کان وڌي ويو آهي. آفٽر شاڪس جي خدشن سبب شهرين جو وڏو انگ گهرن مان ٻاهر روڊن تي پناهه وٺي ويٺل آهي، وڏي تعداد ۾ عمارتن کي به نقصان پهتو آهي. برطانوي خابرو اداري موجب سڀ کان وڌيڪ نقصان عراقي سرحد سان ملندڙ صوبي ڪرمان شاهه جي علائقي سرپل ذهاب ۾ ٿيو آهي. صوبي جي ڊپٽي گورنر سرڪاري ميڊيا کي ٻڌايو ته صوبي ۾ زلزلي سبب 420 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن. عراق ۾ 30 ماڻهو فوت ٿيا ۽ 50 زخمي آهن. ريڊ ڪريسنٽ جي سربراهه مرتضيٰ سليم ٻڌايو ته 8 ٻهراڙين کي نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجلي ۽ مواصلات جو نظام متاثرٿيو آهي. 7 ڏهائي 4 جي زلزلي تباهي مچائي ڇڏي ۽ ڪيتريون ئي عمارتون مٽيءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے