21 اتوار , اکتوبر 2018

افغانستان ۾ چيڪ پوسٽن تي حملو، 22 پوليس اهلڪار ۽ 40 طالبان مارجي ويا

ڪابل( ويب ڊيسڪ ) افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ پوليس چيڪ پوسٽن تي حملي ۾ 22 پوليس اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 40 طالبان به گولين جو کاڄ بڻجي ويا. افغان ميڊيا موجب طالبان ضلعي ميوند ۽ زهاري ۾ پوليس جي چيڪ پوسٽن تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 22 پوليس اهلڪار مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا. قنڌار پوليس جي ترجمان 22 پوليس اهلڪارن جي موت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪجهه سالن دوران طالبان جو هڪ وڏو حملو هو پر فورسز جي جوابي ڪارروائيءَ ۾ 40 طالبان مارجي ويا ۽ 25 زخمي ٿي پيا جڏهن ته فورسز چئن آپگهاتي بمبارن کي به ماري ڇڏيو.  پوليس ترجمان موجب آپگهاتي بمبار ضلعي ڪائونسل جي بلڊنگ ۽ بارودي سان ڀريل گاڏيءَ ذريعي پوليس هيڊ ڪوارٽر کي نشانو بڻائڻ چاهيندو هو پر فورسز وقت تي ڪارروائي ڪئي جنهن ڪري طالبان مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے