21 اتوار , اکتوبر 2018

پي ايس ايل جي ميزبان شهرن جي لسٽ ۾ ابو ظهبي پڻ شامل

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جي ميزبان شهرن جي لسٽ ۾ ابو ظهبي کي به  شامل ڪيو ويو آهي. ايندڙ سال متحده عرب امارات ۾ ايونٽ جون ميچون دبئي ۽ شارجا سان گڏ ابو ظهبي پڻ شامل هوندو جڏهن ته پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۽ ٻه پلي آف لاهور ۾ ڪرائڻ جي تجويز ته به غور ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي فائنل لاءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ تعميراتي ڪم هلندڙ آهي. ان ڪري ان ڳالهه تي سواليا نشان برقرار آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اسٽيڊيم تيار ٿي پي ايس ايل فائنل جي ميزباني ڪري سگهندو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته ميچ جي شروعات گذريل سال جيان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ئي ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احمد شهزاد منهنجو آئيڊيل ناهي رهيو: صاحبزادا فرحان

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي خلاف ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ اوپننگ بيٽسمين صاحبزادا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے