21 اتوار , اکتوبر 2018

اٽلي جي ٽيم 60 سالن کان پوءِ فٽبال ورلڊ ڪپ کان ٻاهر

روم(ويب ڊيسڪ) اٽلي جي ٽيم 60 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو روس ۾ رٿيل فٽبال ورلڊ ڪپ 2018ع کان ٻاهر ٿي وئي. چار ڀيرا ورلڊ فٽبال چيمپئن رهندڙ اٽلي جي ٽيم يورپ سان پهرين رائونڊ ۾ ڊائرڪٽ ڪواليفاءِ نه ٿي هئي، جنهن کان پوءِ ان کي سوئيڊن سان ٻه پلي آف کيڏڻا پيا. پهرين ميچ ۾ سوئيڊن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٽيم اٽلي کي سندس ئي زمين تي هڪ گول تان هارايو. جنهن بعد اٽلي جي ٽيم کي اميد هئي ته شايد روم ۾ هو سوئيڊن کي هڪ کان وڌيڪ گول تان هارائي فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪئي وئي. پر سوئيڊن جي فٽبال ٽيم، جيڪا رڳو هڪ ڀيرو 1958ع ۾ پنهنجي زمين تي کيڏيل ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ تائين پهچ حاصل ڪري سگهي پئي. پر برازيل سان ٻن گولن جي مقابلي ۾ پنج گولن تان هار کائي وئي، چار ڀيرا ورلڊ چيمپئن رهندڙ ٽيم اٽلي کي فائنلز جي ڊوڙ مان ٻاهر ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احمد شهزاد منهنجو آئيڊيل ناهي رهيو: صاحبزادا فرحان

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي خلاف ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ اوپننگ بيٽسمين صاحبزادا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے