21 اتوار , اکتوبر 2018

عوامي آواز نيوز | ٽنڊوآدم:پوليس مبينا مقابلي بعد 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

ٽنڊوآدم  ويجهو پوليس مبينا مقابلي بعد 5 ڏوهارين کي  گرفتار ڪري وٽائن چوري ڪيل سامان ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي .

ڳوٺ جعفر دستي وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ نادر شيدي ، نادر چاڪراڻي ، ممتاز گوپانگ ، غلام رباني چانڊيو ، نديم بروهي کي گرفتار ڪيو ويو.

گرفتار جوابدارن جي قبضي مان  چوري ڪيل 2 موٽر سائيڪلون 2 چنگچي رڪشا ، 3 پسٽل ۽ ٻيو گهرو سامان هٿ ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهاري شهر ۾  ٿيندڙ چورين ۽ ڦرن ۾ ملوث آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڀٽ شاهه ڀرسان ماڻهو ته بچي ويا پر 3 مينهون مري ويون…! سبب ڄاڻڻ لاءِ تفصيل ڏسو

ڳوٺ سلامت ڪيريو ۾ 11 هزار بجلي جي تار ڪري پئي، جنهن ۾ وڪوڙجي 3 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے