24 بدھ , اکتوبر 2018

اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر احتساب عدالت ۾ پيش

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر سان گڏ نيب ريفرنس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پوليس ۽ ايف سي جي ڳري نفري مقرر هئي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، نيب جي ٽيم ۽ جوابدار جا 2 شاهد به احتساب عدالت ۾ موجود هئا جڏهن ته مسلم ليگ جا اڳواڻ مريم اورنگزيب، خواجا سعد رفيق، مصدق ملڪ، پرويز رشيد، طلال چوڌري ۽ آصف ڪرماڻي به احتساب عدالت ۾ موجود هئا جڏهن ته مسلم ليگ جي ڪارڪنن جو وڏو انگ احتساب عدالت ٻاهران موجود هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے