21 اتوار , اکتوبر 2018

اربين ڊالر واپس آڻڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو ايڪشن کڻي: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته قوم جا اربين ڊالر ڦورن پرڏيهي بينڪن ۾ جمع ڪري رکيا آهن، اهو پيسو واپس آڻڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سوموٽو ايڪشن کڻي هڪ ميڪنزم بڻائي. سينيٽر سراج الحق منصوره ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جيسيتائين پرڏيهي بينڪن ۾ موجود پيسو واپس نه ايندو، احتساب جو عمل اڌورو رهندو. قوم نيب جي فائلن ۾ دٻيل ڪرپشن جا 150 ميگا اسڪينڊل کلڻ جي انتظار آهي. جيڪڏهن هاڻ به نيب اهي اسڪينڊل نه کوليا ته عوام اهو ئي سمجهندو ته نيب بااثر ماڻهن جي دٻاءُ ۾ آهي. هن چيو ته آئين مان ختم نبوت جو عقيدو حلف نامي مان ڪڍڻ وارن کي بي نقاب ڪيو ويو. حڪومت پاڻ ئي ڪميٽي بڻائي ۽ هاڻ ئي مٽي وجهڻ واري پاليسي اختيار ڪئي آهي، هن چيو ته ملڪ کي ڪنگال ڪندڙ حڪمرانن جا پنهنجا ٻار آمريڪا ۽ لنڊن ۾ واپار ڪندا آهن. انهن جو علاج به ٻاهر ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪمران رڳو حڪمراني لاءِ پاڪستان ايندا آهن ۽ عوام جو ڪم ووٽ، بل ۽ ٽيڪس ڀرڻ وڃي بچيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے