17 بدھ , اکتوبر 2018

افغانستان ۾ بدامني پاڪستان لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي: اعزاز چوڌري

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ مقرر  پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ واضع بهتري آئي آهي تنهن هوندي افغانستان ۾ بدامني پاڪستان لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي. واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽر جيڪ ريڊ سان ملاقات ڪندي اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ واضع بهتري آئي آهي، پاڪستاني فورسز ڦاٽا ۽ سرحدي علائقن ۾ ڪارروائيون ڪري دهشتگردن جو صفايو ڪري رهي آهي ۽ ملڪ مان دهشتگردي جون پاڙون ختم ڪيون پيون وڃن. هن افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته افغانستان جي ڪجهه علائقن ۾ حڪومتي رٽ نه هئڻ تي خدشا آهن، افغان بدامني اسان جي معيشت لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي، دهشتگرد افغان حڪومت جي رٽ نه هئڻ تي پاڪستان ۾ حملا ڪندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ امن لاءِ آمريڪا سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي سينيٽر جيڪ ريڊ چيو ته پاڪستان آمريڪا گڏيل لاڳاپن سان افغانستان ۾ امن ممڪن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے