17 پیر , دسمبر 2018

عمران خان ۽ علي امين جي طالبان سان لاڳاپن بابت سڀني کي خبر آهي: عائشه گلالئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ عائشه گلالئي چيو آهي ته عمران خان نيازي ۽ علي امن گنڊاپور جا طالبان سان جيڪي به لاڳاپا آهن انهن جي سڀني کي خبر آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عائشه گلالئي چيو ته علي امن گنڊاپور کي وڏيرو بڻجڻ جو شوق آهي جڏهن ته عمران خان نيازي ۽ علي امن گنڊاپور جا طالبان سان جيڪي به لاڳاپا آهن انهن جي سڀني کي خبر آهي. هن چيو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ ناري جي بي حرمتي ڪئي وئي، اهي بااثر شخص علي امن گنڊاپور جا هئا جنهن اهو سڀ ڪرايو، ميڊيا مسئلي اجاڳر ڪيو ته ٻيهر ان ناري جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو پر نيازي صاحب اڄ 19 ڏينهن گذرڻ جي باوجود مظلوم ناري لاءِ هڪ لفظ نه ڳالهايو. هن چيو ته متاثر ٿيل ناري جي ايف آءِ آر به ٿاڻي ۾ داخل ناهي ڪئي وئي. اهي ماڻهو اقتدار ۾ اچي ويا ته ملڪ جو خدا ئي حافظ آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي تبديلي ۽ ڪي پي ڪي جي ماڊل پوليس ان واقعي کان پوءِ دنيا کي نظر اچي چڪي آهي، پرويز ختڪ ڪي پي ڪي ۾ ناظمن کي وڙهائيندو آهي، هن صوبي ۾ هڪ ناظم کي هٽائي پنهنجي ڀاڻج کي ناظم بڻايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مون کي پنهنجي گرفتاري جو ڪو به ڊپ ناهي: آصف علي زرداري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته کيس پنهنجي گرفتاري جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے