17 بدھ , اکتوبر 2018

ڀارت آزاد ڪشميري نوجوان جي علاج جي اپيل کي سياسي معاملو بڻايو: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته آزاد ڪشمي سان تعلق رکندڙ اساما رڳو انساني بنيادن تي ڀارتي ويزا لاءِ درخواست ڏني پر ڀارتي حڪومت اساما کي ٽويٽر تي علاج جي اپيل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ ان ٽويٽ کي سياسي ايشو بڻايو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل اساما سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اساما رڳو انساني بنيادن تي ڀارتي ويزا لاءِ درخواست ڏني ۽ مفت علاج جي سهولت ناهي گهري، اساما جو خندان علاج لاءِ سمورا خرچ ادا ڪري رهيو آهي، ڀارتي حڪومت اساما کي ٽويٽر تي علاج جي اپيل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ ان جي ٽويٽ کي سياسي ايشو بڻايو تنهن هوندي ان جو علاج ڀارت بدران ترڪي ۾ ٿيو. اساما جي والد چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ ترڪ حڪومت اسان جي مدد ڪئي، ترڪي ۾ هڪ لمحي لاءِ به محسوس نه ٿيو ته ڪو اسان جو ملڪ پري آهي، اسپتال جي ٻاهران موجود ماڻهو مون کي ۽ پاڪستان کي پنهنجو ڀاءُ چوندا هئا. هن چيو ته ڀارتي ويزا  لاءِ انساني  بنيادن تي اپلاءِ ڪيو پر ڀارتي حڪومت ان کي سياسي ايشو بڻايو، ڀارت اسان کي انڌو ته ڪري سگهي ٿو ته پر اسان جي زخمن تي مرهم نٿو رکي سگهي، جيڪڏهن رياست ماءُ هوندي آهي ته پاڪستان بڻجيءَ ڏيکاريو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے