17 بدھ , اکتوبر 2018

ڀارتي حڪومت علاج لاءِ ويزا کي سياسي اشو بڻائي ڇڏيو: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني پرڏيهي کاتي چيو آهي ته اسان جي انتظام هيٺ ڪشمير سان واسطو رکندڙ اساما انساني بنيادن تي علاج لاءِ ڀارتي ويزا جي درخواست ڪئي پر ڀارتي حڪومت کيس ٽوئيٽر تي علاج جي اپيل لاءِ مجبور ڪيو ۽ پوءِ سندس ٽوئيٽ کي سياسي اشو بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل راولا ڪوٽ سان تعلق رکندڙ اساما سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اساما انساني بنيادن تي ڀارتي ويزا لاءِ درخواست ڏني ۽ ان مقصد لاءِ مفت علاج جي سهولت نه گهري وئي، سندس ڪٽنب علاج لاءِ سڀ خرچ ڏئي رهيو هو پر ڀارتي حڪومت اساما کي ٽوئيٽر تي علاج جي اپيل لاءِ مجبور ڪيو ۽ پوءِ ان ٽوئيٽ کي سياسي اشو بڻائي ڇڏيو، جنهن تي اساما ڀارت وڃي علاج ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ۽ سندس علاج ترڪي ۾ ٿيو. ان موقعي تي اساما جي پيءُ جاويد خان چيو ته مان پنهنجي پٽ جو علاج ترڪي مان ڪرايو، جتي هڪ لمحي لاءِ به محسوس نه ٿيو ته هو پنهنجي وطن کان پري آهي. اساما جو چوڻ هو ته مان ڀارتي ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيو پر انهن انساني مسئلي کي سياسي بڻايو، ڀارت حقيقت کان هٽي ڪري سياست ڪئي، جنهن تي افسوس ٿيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے