18 اتوار , نومبر 2018

اُسَ سبب ٿيندڙ سانوري رنگ لاءِ..

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سڀني کي خبر آهي ته اس سان رنگ تي اثر پوندو آهي ۽ رنگ سانورو ٿي ويندو آهي، اهڙي صورت ۾ اسان اوهان کي ڪجهه گهريلو نسخا ڏيون ٿا، جيڪي آزمايو، اوهان جو سانورو رنگ جلد ڀورو ٿي ويندو ۽ اوهان جي اها شڪايت ختم ٿي ويندي.

** ٽماٽي جي جوس جا چار چمچا ۽ کير جي ملائي ٻه چمچا کڻي، انهن ٻنهين جو مڪسچر ٺاهيو. هاڻ ان مڪسچر کي چهري ۽ ڪنڌ تي 20 منٽن لاءِ هڻي ڇڏيو، ان کانپوءِ ڌوئي ڇڏيو. هڪ هفتي تائين اهو عمل ڪيو  اس سبب ٿيندڙ سانورو رنگ واپس نکري ايندو.

** کير ۾ ليمي جو رس وجھي رات جو هڻو ۽ صبح جو ڌوئي ڇڏيو، ڪنڌ جو رنگ چهري جھڙو ٿي ويندو.

** هائڊروجن، امونيا ۽ صابڻ جو چورو مڪس ڪري ان جي گج بڻايو ۽ ڪنڌ تي هڻو، 15 منٽ لڳائي رکو، پوءِ ڌوئي ڇڏيو، ڪنڌ جو رنگ بحال ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وارَن جا مسئلا ۽ انهن جو حل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏا ۽ مضبوط وارَ هر ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ۽ نوجوان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے