18 جمعرات , اکتوبر 2018

ترڪي ڪمال اتاترڪ جي توهين تي نيٽو فوجي مشقن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

انقره ( ويب ڊيسڪ ) ترڪي جي باني ۽ پهرين صدر مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي توهين تي ترڪ حڪومت نيٽو جي فوجي مشقن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو . ناروي ۾ نيٽو جي فوجي مشقن دوران ترڪي جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي تصوير دشمن طور لڳائي سندس توهين ڪئي وئي.  ترقي واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نيٽو جي فوجي مشقن کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪندي مشقن ۾ شامل پنهنجي 40 فوجين کي واپس گهرائي ورتو آهي.  سوشل ميڊيا تي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي نالي سان ٺهيل هڪ جعلي اڪائونٽ ذريعي به نيٽو مخالف پيغام موڪليا ويا آهن. نيٽو جي جنرل سيڪريٽري جينز اسٽولٽن برگ معاملي تي معافي وٺندي چيو ته ترڪي نيٽو جي فوجي اتحاد جو اهم حصو آهي ۽ ڪمال اتا ترڪ جي تصوير دشمن طور لڳائڻ انفرادي نوعيت جو معاملو آهي، جنهن کي نيٽو اتحاد جو موقف نه سمجهو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خاشقجي معاملو: آمريڪي پرڏيهي وزير جي سعودي کانپوءِ ترڪ اختيارين سان ملاقات

انقرا + رياض (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پنهنجي ترڪ هم منصب مولود …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے