19 پیر , نومبر 2018

ڀارت کي جارحيت جو ڳرو حساب ڏيڻو پوندو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز ۾ هاٽ لائين تي ٿيل رابطي ۾ پاڪستان جو چوڻ آهي ته ڀارت جون ڀڃڪڙيون امن لاءِ خطرو آهن، ڀارت کي جارحيت جو ڳرو حساب ڏيڻو پوندو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز وچ ۾ هاٽ لائين تي شيڊيول کان هٽي ڪري رابطو ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان طرفان چيو ويو ته ڀارتي فوج ايل او سي تي شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي، ڀارت نيزاپير، چڪري ڪوٽ ۽ بٽل سيڪٽر ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو. پاڪستان جو پنهنجي موقف ۾ چوڻ هو ته ڀارت طرفان لائين آف ڪنٽرول جون ڀڃڪڙيون غير پيشيوراڻيون ۽ غير اخلاقي آهن، ان صورت ۾ اهي امن لاءِ خطرو آهن. ڀارت کي جارحيت جو ڳرو حساب ڏيڻو پوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: Police and Rangers arrested 11 suspected militants in different areas

ڪراچي: مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز جون گڏيل ڪارروائيون، 11 شڪي گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس رينجرز گڏيل آپريشن ڪري 11 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے