18 جمعرات , اکتوبر 2018

بيروت پهچي پنهنجي موقف جي وضاحت ڪندس: سعدالحريري

پيرس (ويب ڊيسڪ): لبنان جي استعيفيٰ ڏيندڙ وزيراعظم سعد الحريري چيو آهي ته اهو اربه ڏهاڙي پنهنجي ملڪ جي آزادي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو، پيرس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهو بيروت پهچي پهريون ڀيرو پنهنجي موقف جي ڀرپور وضاحت ڪندو، الحريري اهو به چيو ته اهو پنهنجي منصب تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي ۽ صدر م3يشال عون سان ملاقات ڪرڻ بعد ئي ايندڙ قدمن تي عملدرآمد ڪندو، لبناني اڳواڻ ۽ ان جو ڪٽنب ڇنڇر 18 نومبر تي فرانسيسي صدر ايمانويل ماڪرون سان ملاقات ڪئي هئي، فرانسيسي صدر لبنان کي ڪنهن به بحران کان پري رکڻ جي ڪوشش ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ بم ڌماڪو، چونڊ اميدوار مارجي ويو، 8 زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ڏاکڻي صوبي هلمند ۾ ٿيل هڪ بم ڌماڪي جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے