16 اتوار , دسمبر 2018

پاڪستاني شهري جي بهادري تي شارجا پوليس جو خاص اعزاز

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ): متحده عرب امارات جي رياست شارجا جي پوليس پاڪستاني شهري کي سندس بهادري تي خصوصي اعزاز سان نوازيو ۽ سندس حوصلا افزائي ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق عبدالاحد عبدالقيوم نالي پاڪستاني شخص بهادري جو مظاهرو ڪندي هڪ عورت جي ڪنڌ مان چين پٽي فرار ٿيندڙ چور کي نه رڳو پڪڙي ورتو پر پوليس جي اچڻ تائين کيس پنهنجي گرفت ۾ ئي رکيو ۽ پوءِ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، چوري جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ ۽ ڏوهاري جي گرفتاري ۾ مدد ڪرڻ تي شارجا پوليس عبدالاحد کي خصوصي اعزاز سان نوازيو ۽ سندس حوصلا افزائي ڪئي، شارجا پوليس جي هڪ آفيسر ڪرنل خليفا پاڪستاني شخص کي اعزازي سرٽيفڪيٽ ۽ هڪ تحفو پيش ڪيو،  ان موقعي تي ڪرنل خليفا عبدالاحد جي تعريف ڪندي چيو ته عبدالاحد هڪ ذميدار شهري هجڻ جو ثبوت ڏيندي ڏوهه جي روڪ ۾ پوليس جي مدد ڪئي، جيڪو لک لائق ۽ قابل تعريف آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خاشقجي قتل:  آمريڪي سينيٽ سعودي ولي عهد کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي سينيٽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے