15 جمعرات , نومبر 2018

فيس بڪ جو سڀ کان ناپسنديده فيچر ختم ٿيڻ وارو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ آخرڪار ان فيچر کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪو ڪروڙين ماڻهن کي ناپسند آهي، جي ها فيس بڪ پنهنجي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو هاڻي ٿرڊ پارٽي ايپ انوائٽس جو فيچر ختم ڪري رهيو آهي، هي اهو فيچر آهي جيڪو اڪثر گيمز لاءِ استعمال ٿيندو آهي، اهڙين گيمنگ ايپس کي استعمال ڪندڙ صارفين پاران پنهنجي دوستن جي مدد لاءِ مختلف نوٽيفڪيشن موڪليا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجي ‘‘فصلن’’ يا ‘‘کاڌو پچائڻ’’ لاءِ دوست جي ضرورت هوندي آهي، پر هي اهو فيچر آهي جيڪو فيس بڪ جي ابتدائي زندگي لاءِ تمام اهميت رکي ٿو، جنهن جو مقصد واهپيدارن جي تعداد وڌائڻ هو، هاڻي فيس بڪ ان فيچر کي جلد ئي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي ۽ فيبروري 2018 تائين ان فيچر کي مڪمل طور ختم ڪيو ويندو، ان طرح فيس بڪ پاران ڪجهه ٻيا فيچرز به ختم ڪيا پيا وڃن جن ۾ ٿرڊ پارٽي لائيڪ بٽڻ به شامل آهي، ان کي ختم ڪرڻ جو مقصد اهو هوندو ته اوهان ڪنهن ٻي ايپ کي استعمال ڪندي ڪنهن پيج کي لائيڪ نه ڪري سگهندا، پر ان لاءِ اوهان کي فيس بڪ ۾ ان پيج تي وڃڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايپل آئي فون ايڪس ۽ ميڪ بڪ پرو ۾ خامين جو اعتراف ڪري ورتو

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)سمارت فون ۽ ٽيبليٽ ٺاهڻ واري مشهور ڪمپني ايپل اعتراف ڪيو آهي ته ان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے