20 منگل , نومبر 2018

ورهيه گذرڻ کانپوءِ به تنقيد نگار انسان جي چنڊ تي وڃڻ تي يقين نٿا رکن، نوان اعتراض

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناسا ۽ ٻين ماهرن پاران هزار ثبوتن جي باوجود تنقيد نگار اڄ به انسان پاران چنڊ تي وڃڻ تي يقين نٿا رکن ۽ اڪثر هر روز نوان اعتراض پيش ڪندا رهندا آهن. ان حوالي سان هاڻي سندن هڪ نئون اعتراض اپالو 17 جي نئين ويڊيو ۾ سامهون آيو آهي، جنهن تي چيو پيو وڃي ته خلاباز جي شفاف هيلمٽ تي هڪ ٻئي ماڻهو جو عڪس نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ ان شخص کي خلائي سوٽ پاتل ئي نه آهي، اها ويڊيو يوٽيوب تي موجود آهي، جنهن ۾ اپالو پروگرام جي آخري مشن تي اعتراض ڪيو ويو آهي، ان ويڊيو کي هڪ سافٽ ويئر جي مدد سان اڃا به واضح ڪيو ويو آهي، يوٽيوب جي هڪ صارف اسٽريٽ ڪيپ ون اپالو 17 جي ان ويڊيو کي هڪ جديد سافٽ ويئر ذريعي واضح ڪيو ۽ ان ويڊيو ۾ هڪ اهم ڳالهه سامهون آندي وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خلاباز جي هٿ ۾ هڪ ڪيمرا آهي ۽ هن جي شفاف هيلمٽ تي سامهون واري جاءِ جو عڪس نظر اچي رهيو آهي، پر ان عڪس ۾ نظر ايندڙ هڪ شخص خاص کي خلائي لباس پاتل ئي نه آهي، پر جيڪڏهن هو چنڊ تي آهي ته ان کي اتي خلائي لباس پاتل هجڻ گهرجي ها، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اها تصوير ڪوڙي آهي ۽ آمريڪا چنڊ تي وڃڻ جو ڪوڙو ڊرامو ٺاهيو هو. واضح رهي ته چنڊ تي وڃڻ لاءِ خلائي لباس پائڻ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان لباس ۾ لائف سپورٽ آڪسيجن ۽ پاڻي جو نظام موجود هوندو آهي جنهن جي مدد سان انسان ڪجهه وقت تائين پنهنجي پاڻ کي چنڊ تي زندا رکي سگهي ٿو، اپالو 17 ذريعي آمريڪي خلاباز آخري ڀيرو چنڊ تي ويو هو، آمريڪي خلاباز يوگين سرنين ۽ هيريسن جيڪ چنڊ تي 22 ڪلاڪ گذاريا هئا، جڏهن ته انهن جوهڪ ٻيو ساٿي رونالڊ ايونز به انهن سان گڏ موجود هو، آمريڪي خلابازن چنڊ جي فضا ۽ چنڊ جي پٿرن جا ڪجهه نمونا به زمين تي آندا هئا. ان ويڊيو کي 53 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ڏٺو آهي ۽ ان عڪس تي بحث به ڪئي پئي وڃي ته ”تصوير ۾ هڪ انسان جو عڪس نظر اچي رهيو آهي جنهن کي ڪو به خلائي لباس پاتل نه آهي“، ايئن لڳي رهيو آهي ته هڪ ڊگهي وارن واري انسان کي هڪ ويسٽ ڪوٽ پاتل آهي. ڪيترن ئي ماڻهن ان ويڊيو جي تائيد ڪئي، جڏهن ته هڪ ڏسندڙ چيو ته روشني گهٽ هجڻ سبب سفيد خلائي لباس جو عڪس مڪمل طور نه اچي سگهيو، جيڪا ويڊيو جي جعلي هجڻ جو ڪو دليل نه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جديد سولر پينل بجلي به پيدا ڪري ۽ سج کي گرمي به واپس ڪري

ڪيليفورنيا(ويب ديسڪ)ماهر اهڙو سولرپينل تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿيا ويا آهن جيڪو نه صرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے