23 منگل , اکتوبر 2018

بي پي ايل: آفريدي جي طبيعت ناساز: عامر ڍاڪا جي نمائندگي ڪندو

لاهور (اسپورٽس نيوز) شاهد آفريدي طبيعت ناساز هئڻ ڪري بنگلا ديش پريميئر ليگ ۾ اڄ ميچ نه کيڏندو. ڍاڪا ڊائنا مائٽس طرفان تسلسل سان گڏ عمده ڪارگردگي جو مظاهرو ڪندي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آل رائونڊر کي فلو ۽ ڳلي ۾ خارش جي شڪايت آهي. ڪوميلا وڪٽورينز خلاف ميچ لاءِ شاهد آفريدي جي جاءِ تي محمد عامر کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڍاڪا ڊائنا مائٽس گذريل 6 ميچن مان 4 ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي پوائنٽس ٽيبل تي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي، ان ۾ شاهد آفريدي جو ڪردار واضع رهيو آهي. قومي آل رائونڊر ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ 11 ميچن ۾ 4 يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو ڪارنامو انجام ڏئي چڪو آهي، آل رائونڊر اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ پهريون پاڪستاني بالر آهي، ياسر عرفات ۽ عمر گل 10،10 ميچن ۾ 4 وڪيٽون حاصل ڪري چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرفراز جي فٽنيس ۾ سڌارو، ڪينگروز خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ لاءِ پراميد

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي فٽنيس ۾ بهتري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے