20 ہفتہ , اکتوبر 2018

باڪسر محمد وسيم جو پاڪستان لاءِ وڌيڪ نه وڙهڻ جو اشارو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو پروفيشنل باڪسر محمد وسيم اسپانسر شپ نه ملڻ تي ڏکايل ٿي ويو ۽ هن پاڪستان لاءِ وڌيڪ نه وڙهڻ جو اشارو ڏئيڇڏيو آهي. محمد وسيم 8 پروفيشنلز فائٽس کيڏيون آهن ۽ سڀني ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هاڻ هو ڊبليو بي سي فلاءِ ويٽ جي ورلڊ رينڪنگ ۾ نمبر ون پوزيشن برقرار رکڻ لاءِ لاس ويگاس روانو ٿي رهيو آهي جتي هو ڪولمبيا جي باڪسرن سان مقابلو ڪندو. ميڊيا کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ باڪسر محمد عامر جو چوڻ آهي ته هن جي پهرين ترجيح پاڪستان سان کيڏڻ آهي، هو نٿو چاهي ته هو ڪنهن ٻئي ملڪ جي نمائندگي ڪري. هن چيو ته ڪولمبيا جي باڪسر سان اڳيئن فائٽ پاڪستان لاءِ آخري هوندي، ان مقابلي کان پوءِ آمريڪا يا ڏکڻ ڪوريا جي شهرت حاصل ڪري وٺندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محمد عباس جي ڏيهه پهچڻ تي شاندار آجيان، مٿس گلن جي ورکا

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪينگروز جي بيٽنگ لائن تباهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے