21 اتوار , اکتوبر 2018

ختم نبوت صه حلف نامي ۾ تبديلي جي ذميوارن کي منظر تي آندو وڃي: تحريڪ انصاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي کليل حمايت ڪندي ختم نبوت صه جي حلف نامي ۾ تبديلي جي ذميوارن کي منظر تي آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پارٽي سربراهه عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جهانگير ترين، شاهه محمود قريشي ۽ نعيم الحق سميت 15 سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ختم نبوت صه حلف نامي ۾ تبديلي ڪندڙ کي بي نقاب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي کليل حمايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڌرڻو هڻندڙن سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبا تسليم ڪيا وڃن، ڇو ته ان معاملي تي احتجاج انهن جو حق آهي. اهي به اطلاع آهن ته تحريڪ انصاف نواز شريف جي نظريي ۽ ڪرپشن خلاف قومي مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي سربراهي فواد چوڌري ڪندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے