23 منگل , اکتوبر 2018

مڪمل فٽ نه هئڻ سبب پي ايس ايل نه پيو کيڏان: عمران نذير

لاهور(اسپورٽس نيوز) مشهور بيٽسمين عمران نذير پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن ۾ شامل هئڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي عمران نذير چيو ته انجري سبب مان گذريل چئن سالن کان ڪرڪيٽ نٿو کيڏان ۽ فٽنس سبب مسئلا هئا پر هاڻي معاملا گهڻا بهتر ٿي چڪا آهن، پي ايس ايل ۾ شامل نه هئڻ جو سبب صرف فٽنس آهي، ٽورنامينٽ شروع هئڻ ۾ 3،4 مهينا باقي آهن، جيڪڏهن ان وقت تائين فٽ ٿي ويس ته انشاءَ الله ضرور کيڏندس، ايندڙ هفتي کان ٽريننگ جي شروعات ڪري رهيو آهيان، ڏسندس ته کيڏڻ قابل آهيان يا نه. عمران نذير مداحن جا ٿورا مڃيندي چيو ته پنهنجي مداحن جو گهڻو ٿورائتو آهيان جن منهنجي لاءِ دعائون ڪيون، انهن جي دعائن سان ئي الله مونکي ٻيهر کيڏڻ جي قابل بڻايو آهي، انجري مڪمل طور تي ريڪور ٿي چڪي آهي پر واپسي ۾ ٿورو وقت لڳندو ۽ اميد ڪيان ٿو ته مداحن کي هڪ ڀيرو ٻيهر مونکي کيڏندي ڏسڻ جو موقعو ملندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرفراز جي فٽنيس ۾ سڌارو، ڪينگروز خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ لاءِ پراميد

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي فٽنيس ۾ بهتري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے