23 منگل , اکتوبر 2018

عوامي آواز رپورٽ: کپرو:اڇڙي ٿر ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو

عوامي آواز ٽي وي پاران 3 ڊسمبر تي اعلانيل ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان کپري تعلقي ۾ به تيارين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي………………،

پيش آهي عبدالرزاق راجپوت جي هيءَ رپورٽ…………….،

ثقافتي ڏينهن جي حوالي کپري ويجهو اڇڙي ٿر جي ڳوٺ باکريجي جي ويراڻ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي  ناميارن شاعرن  فنڪارن ۽ سگھڙن پاران مچ ڪچهري، مشاعرو ۽ راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي وئي،

مچ ڪچهريءَ دوران قاضي نور محمد گجُو، محمد عثمان کٻڙ، محمد عثمان هاشماڻي ۽ راڳي احمد فقير عمرڪوٽي، بادل فقير ۽ ٻين خوبصورت شاعري پيش ڪئي جڏهن ته راڳي احمد فقير عمر ڪوٽي خوبصورت گيت پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو،

تقريب ۾ شامل ٿيندڙ مهمانن ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ڳالهائيندي انهيءَ عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ جي ثقافت بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته نيئن نسل تائين سنڌ جي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب کي باامانت پهچايو وڃي……

ثقافتي تقريب ۾ شموليت ڪندڙن چيو ته ثقافتي ڏهاڙو سنڌي قوم لاءِ عيد جو ڏينهن آهي، جنهن کي ڀرپور نموني ملهائي ماروئڙا ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪندا.

ان موقعي تي ناميارن شاعرن پنهنجي شاعري پيش ڪري داد وصول ڪيو، جڏهن ته ثقافتي ميڙاڪي ۾ آيل فنڪارن سُرن جي ورکا ڪري پنڊال ۾ موجود ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: دوڙ:ايس ايس پي شهيد بينطير آباد جا تعليم بابت مشورا، ڄاڻيو هن خبر ۾

*ايس ايس پي شهيد بينطير آباد تنوير حسين تنئي چيو آهي ته محنت ڪري علم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے