20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نواز شريف خلاف سازشون ڪندڙن وري شڪست کي منهن ڏنو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر نواز شريف خلاف سازش ڪندڙن کي شڪست ملي، 1973ع جي آئين مان ڪڍيل شقون بحال ٿي ويون. پ پ طرفان نااهل شخص جي پارٽي صدارت خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل بل اڪثريت راءِ سان رد ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته مخالف چئي رهيا هئا ن ليگ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي ويا آهن پر نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پارٽي متحد آهي، رڳو اهو ئي نه پر ن ليگ جي حڪومت ۾ ملڪ ترقي به ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي ۽ هاڻ اهو ئي ٿيندو، جيڪو عوام چاهيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جو ڀارت ۾ ٽرين حادثي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ڀارتي شهر امرتسر ۾ ٽرين حادثي جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے