24 بدھ , اکتوبر 2018

عدالت ۾ وڃي جلسي جي اجازت وٺنداسين: آفاق احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد حيدرآباد ۾ جلسي جي اجازت نه ملڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته مان ڪٺ پتلي جيان ڪم نٿو ڪري سگهان، تنهن ڪري مون کي عوام وٽ وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾ پنهنجي رهائش گاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي آفاق احمد چيو ته جيڪي ماڻهو رات جو اتحاد ٺاهين ۽ ڏينهن جو ٽوڙي ڇڏين، انهن جي سياست تي اعتبار ڪيئن ٿو ڪري سگهجي. قومي سلامتي جي ادارن تي جس انداز ۾ الزام لڳايا ويا، انهن کي عوام به پسند نه ڪيو. هن چيو ته ٻين پارٽين کي جلسن جي اجازت ڏيڻ ۽ اسان کي روڪڻ نااناصافي آهي، اسان هاءِ ڪورٽ وڃي جلسي جي اجازت وٺنداسين. آفاق احمد چيو ته ڪير ڪيتري به ڪوشش ڇو نه ڪري، مون کي پنهنجي پارٽي ۽ مهاجر نظرئي  تان نٿو هٽائي سگهي. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے