18 جمعرات , اکتوبر 2018

ڀارت ۾ کليل آسمان هيٺ حاجت دوران تصويرون ڪڍڻ واري عمل خلاف احتجاج

بهار (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ کليل آسمان هيٺ حاجت دوران تصويرون ڪڍڻ واري عمل خلاف عوام احتجاج تي لهي پيو آهي. ڀارتي رياست بهار ۾ حڪومت کليل آسمان هيٺ حاجب ڪندڙن خلاف مهم شروع ڪئي آهي ۽ اهڙن ماڻهن جون تصويرون ڪڍڻ جي ذميواري استادن کي ڏني وئي آهي، تن جيئن انهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي پر تصوير ڪڍڻ جي ذميواري تي احتجاج ڪندي استادن چيو آهي ته اها اسان جي توهين آهي. سرڪار طرفان جاري ڪيل حڪمن تي استادن جي تنظيم سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان کليل آسمان هيٺ حاجت خلاف آگاهي مهم جي حمايت ڪيون ٿا پر انفرادي طور حاجت ۾ مصروف ماڻهن جي تصوير ڪڍڻ استادن جي توهين جي زمري ۾ اچي ٿو، جيڪو عمل اسان جي وقار کي ڪمزور ڪري ٿو، جڏهن ته اهو پرتشدد واقعن جو سبب به بڻجي سگهي ٿو، جنهن ۾ استادن جي عزت توڙي حياتين کي خطرو آهي. استادن جي تنظيم مڌيامڪ شڪشڪ سانگهه جي جنرل سيڪريٽري شتروگهن پراساد رياست جي وڏي وزير کان حڪم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن اختيارين جو چوڻ آهي ته رڳو اهڙن استادن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، جيڪي مخصوص علائقن ۾ مقرر آهي ۽ کين سرڪار طرفان هائوس رينٽ الائونس به ڏنو ويندو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊرائيونگ لائسنس کان سواءِ موٽر سائيڪل ۽ گاڏي جي رجسٽريشن تي پابندي

لاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ڊرائيونگ لائسنس کان سواءِ موٽر سائيڪل ۽ گاڏي جي رجسٽريشن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے