17 بدھ , اکتوبر 2018

بوسنيا جي قاصائي راتڪو ملاڊچ کي عمر قيد جي سزا

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) عالمي فوجداري عدالت بوسنيا جنگ دوران سرب فوج جي سربراهي ڪندڙ راتڪو ملاڊچ المعروف ”بوسنيا جو قاصائي“ کي نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوهن ۾ جوابدار قرار ڏيندي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. دي هيگ ۾ ان حتمي عدالتي فيصلي موجب ملاڊچ تي الزام ثابت ٿي ويو هو ته هو 1992ع کان 1995ع تائين جاري رهندڙ بوسنيا جنگ دوران جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث رهيو هو. ان حوالي سان مٿس 11 الزام مڙهيا ويا هئا. ملاڊچ تي لڳ ڀڳ 8 هزار بوسنيائي مسلمانن جي قتل جو الزام هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے