10 پیر , دسمبر 2018

نائجيريا ۾ لساني گروهه جو مسلمان آبادي تي حملو، 30 ڄڻا مارجي ويا

ابوجا (ويب ڊيسڪ) نائجيريا ۾ هڪ لساني گروهه مسلمانن جي اڪثريت واري ڳوٺ تي حملو ڪري 30 ڄڻن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي گهرن کي باهه به ڏني. اتر نائجيريا جي آدم اوا رياست جي پوليس ترجمان عثمان ابوبڪر موجب هارين جي هڪ لساني گروهه نعمان ضلعي ۾ مسلمانن جي فولاني گروپ جي چئن آبادين کي نشانو بڻائيندي شهرين تي تشدد ڪيو ۽ گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي.  حملي کانپوءِ هيل تائين علائقي مان 30 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، جڏهن ته مارجي ويندڙن جو انگ وڌڻ جو امڪان آهي، ڇو ته ريسڪيو اهلڪار وڌيڪ لاشن جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪري رهيا آهن. پوليس ترجمان موجب حملو ڪندڙن جي ڳولا لاءِ وڏي پئماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

برطانيا امير ترين ماڻهن لاءِ گولڊن ويزا سروس ختم ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا دنيا جي امير ترين ماڻهن لاءِ گولڊن ويزا سروس ختم ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے